سجاول پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ صحافين آڏو احتجاج
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ڪراچي واسڻ عائشا ڌيءَ اشتياق سجاول واسي نظير بروهي سان ڪورٽ ۾درخواست ڏئي پسند جي شادي ڪري ڇڏي آھي ناري عائشه جو چوڻ آھي ته مون نظير احمد بروهي سان پسند جي شادي ڪئي آهي منهنجي مڙس جي مائٽن کي منھنجا والدين پريشان ڪري رهيا آهن هن چيو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مون شريعت محمدي موجب نوجوان نظير بروهي سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي ھوڏانھن پريمي نوجوان جو چوڻ هو ته منھنجي مائٽن کي منھنجي گھرواري جا مائٽ تنگ ڪري رهيا آھن ۽ حراسان ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي جاني مالي نقصان جو خطرو آھي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
