جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تياريون جاري آهن، ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين: شرجيل انعام ميمڻ
( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته جشن آزادي ۽ معرڪه حق جون تياريون جاري آهن، ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائينداسين.
هن چيو ته اڄ حيدرآباد ۾ شاندار ميوزيڪل پروگرام ٿي رهيو آهي، 10 آگسٽ تي سکر ۾ تاريخي ميوزيڪل پروگرام رکيو ويو آهي، 13 آگسٽ تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شاندار پروگرام ٿيندو
صوبائي وزير چيو ته سمورن صوبائي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن کي دعوت آهي ته حيدرآباد جي ميوزيڪل ڪنسرٽ ۾ شرڪت ڪن.
