پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اسد شفيق کي هڪ ٻي اهم ذميواري ڏئي ڇڏي
(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ موجوده سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر اسد شفيق کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اهم ذميواري ڏئي ڇڏي آهي
پي سي بي اسد شفيق کي ڪراچي ۾ قائم حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان هڪ ٻي ذميواري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ اعظم خان هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليندو.
