آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

pak-team-2

(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، بيٽنگ ۾ ڀارت جي اڀيشڪ شرما جي پهرين پوزيشن برقرار، جڏهن ته آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ ٻئين ۽ ڀارت جو تلڪ ورما ٽئين نمبر تي موجود آهي.

پاڪستان جي حسن نواز ۽ صائم ايوب ٽي ٽوئنٽي بيٽرز رينڪنگ ۾ وڏو ٽپو ڏيندي ڏئي پنهنجي ڪيريئر جي پوزيشن بهترين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.

جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم 3 درجا هيٺ اچي 17 هين نمبر تي هليو ويو آهي. ان کانسواءِ ڀارت جو يشسوي جئسوال هڪ درجو ترقي بعد 10 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان جو حسن نواز 24 درجا بهتري سان 30 هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته صائم ايوب 25 درجا بهتري سان 38 هين نمبر تي اچي ويو.

جڏهن ته آسٽريليا جي ٽِم ڊيوڊ 2 درجا بهتري سان 16 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي ٽوئنٽي بالرز جي رينڪنگ ۾ به پاڪستاني رانديگرن جي عالمي درجابندي ۾ بهتري آئي آهي.

پاڪستان جو سفبان مقيم 69 درجا وڏو ٽپو ڏئي رينڪنگ ۾ 35 هين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته محمد نواز 51 درجا بهتري سان 56 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *