ٽئي ملڪي سيريز، پاڪ-افغان ميچ دوران ڦڏن کان بچڻ لاءِ انتظاميا سخت قدم کڻي ورتا

pak-agg

(ويب ڊيسڪ) ٽئي ملڪي سيريز ۾ پاڪ_افغان ميچ کان اڳ شارجا اختيارين اسٽيڊيم ۾ سخت سيڪيورٽي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٻنهي ملڪن جي تماشائين کي ڌار ڌار اسٽينڊز ۾ ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٽئي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شروع ٿيندي، جنهن ۾ ميزبان يو اي اِي جي ٽيم به حصو وٺي رهي آهي.


انتظاميه اهو اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي شوقينن کي ڌار ڌار اسٽينڊز ۾ ويهاريو ويندو ۽ انهن لاءِ ڌار انٽري پوائنٽس مقرر ڪيا ويا آهن.

اهو فيصلو ماضي ۾ ٻنهي ٽيمن جي ميچن دوران ٿيل تڪراري واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ته جيئن هن ڀيري موجود شوقينن لاءِ پرامن ۽ محفوظ ماحول بڻائي سگهجي.

ياد رهي ته ٽئي ملڪي سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين کيڏي ويندي، پهرين ميچ 29 آگسٽ تي شام 7 وڳي پاڪستان ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *