ڪنڌڪوٽ ۾ 50 لک ڀنگ نه ڏيڻ تان ڊيرا بگٽي واسي نوجوان قتل: درياءَ مان لاش هٿ

07-4

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿي ويل نوجوان جو لاش درياءَ مان هٿ، اغوا ٿي ويل بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي واسي 33ورهين جي محمد توفيق ولد محمد عظيم بگٽي جو لاش هٿ ڪيو ويو، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس گبلو جي ڪچي واري علائقي ڳاڙهي موري وٽ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو،

ٻڌايو پيو وڃي ته محمد توفيق کي 22 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪيو ويو هو، توفيق احمد جي آزادي لاءِ وارثن کان ڏوهارين 50 لک ڀنگ طلب ڪيو هو، وارثن پاران ڀنگ نه ڏيڻ تان ڏوهارين مغوي مٿان تشدد ڪندي کيس قتل ڪري لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو، نوجوان ٽن ٻارن جو پيءُ هيو.

ٻي طرف توفيق احمد بگٽي جي سئوٽ طارق بگٽي جو چوڻ هو ته اسان سان ڏوهاري فون تي رابطو ڪري 50 لک ڀنگ طلب ڪيو هو، جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته اهو نمبر بڊاڻي جي علائقي جي عورت شاهل خاتون جي نالي تي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *