اپوزيشن کي 26هين ترميم ۾ بهتري لاءِ ڳالهين جي آڇ: 108 ترميمن جو مسودو تيار پيو آهي: حڪومت

Jan-29-2025-09.56.02_ayaz-sadiq

( ويب ڊيسڪ ) حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي، قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن جي تنقيد تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته توهان سڀني کي گڏ ويهي ڳالهائڻو پوندو، پوڻا چار سال جي پروڊڪشن آرڊرز جو رڪارڊ ڪڍي وٺو، سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو

قانون واري وزير اعظم نظير تارڙ چيو ته سياستدانن کي پهريان ڀيرو سزا ناهي ٿي. اسان کي ڳالهين لاءِ ڪنهن بند ڪمري ۾ ويهڻو پوندو، اپوزيشن کي 26هين آئيني ترميم ۾ بهتري لاءِ ڳالهين جي ڏيندي

هن چيو ته اچو اسان سان گڏ ويهو ۽ ٻڌايو ته هن ترميم کي ڪيئن بهتر بڻايون؟ اسان ڪالهه به تيار هئاسين، اڄ به تيار آهيون، ايوان ۾ گوڙ ڪرڻ ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙڻ سان  مسئلو حل نه ٿيندو، مسئلو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيندو، 26هين آئيني ترميم سان عدالتن ۾ ٿيندڙ پارليامينٽرين جي تذليل کي روڪيو  ويو آهي

قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته 108 ترميمن جو مسودو قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي ۾ پيل آهي. آئين جو جائزو وٺو، اچو اتان شروع ڪريون ٿا.

لطيف کوسه چيو ته اسپيڪر جو ڪم آئين جي بالادستي تي عمل آهي. اسان جا ميمبر هتي نه پيا اچن. پارلياماني وزير طارق فضل چوڌري چيو ته هي يوم استحصال باني تحريڪ انصاف ملهائي رهيا آهن. يوم استحصال ڪشمير وڌيڪ اهم آهي يا يوم استحصال باني؟ پرامن احتجاج جي آڙ ۾ جٿا آڻي يرغمال بڻايو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *