پي ٽي آءِ جو مختلف شهرن ۾ احتجاج، حڪومت جو ڪريڪ ڊائون، اڳواڻ گرفتار، چڪريون، پوليس پاران پارليامينٽ کي تالا

04-5

( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي احتجاجي ڪال باوجود اڊيالا جيل ٻاهران وڏو مظاهرو نه ٿي سگهيو، حڪومت اڳواڻن کي روڪي ورتو، جڏهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ باني جي  آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.  پوليس باني سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل ويندڙ ڀينرن کي چڪري روڊ تي روڪيو، عليمه خان، محمود خان اچڪزئي، سلمان اڪرم راجا ۽ شاندانه گلزار کي به نه ڇڏيو ويو.

اڊيالاجيل ۽ ڀرپاسي احتجاج سبب سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، اڳواڻن کي اڳتي وڌڻ نه پئي ڏنو ويو. پارٽي جون ڪجهه عورت ڪارڪن داهگل ناڪي وٽ جمع ٿيون ۽ نعريبازي ڪئي، پي ٽي آءِ راولپنڊي ۽ اڊيالا جيل ويجهو ڪو وڏو شو نه ڪري سگهي

گجرات مان 28 ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي سندن گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون. لاهور ۾ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون، چڪريون کانپوءِ 6 اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو. جن ۾ پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اپوزيشن ليڊر معين قريشي، ايم پي اي فرخ جاويد مون ۽ ٻيا شامل آهن.

تحريڪ انصاف طرفان الزام لڳايو ويو ته پوليس ريلي ۾ شامل عاليه حمزه سميت ٻين اڳواڻن جي گاڏين تي ڏنڊا هڻي شيشا ڀڃي ڇڏيا، پي ٽي آءِ جي چيئرمين بيرسٽر گوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪا  به ڊيل نه ٿيندي هاڻي باني عمران خان جي آزادي يقيني بڻائي دم پٽينداسين. عوام جو ادارن ۽ عدليه تي اعتماد ڪمزور ٿيندو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *