اچو توبهه ڪري هڪٻئي کي معاف ڪريون، نئين سياست شروع ڪيو، فيصلا ايوان ڪري: اچڪزئي

MEHMOOD-KHAN-ACHAKZAI-1

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي شيخ وقاص جي معاملي تي اسپيڪر مٿان تنقيد ڪندي چيو ته توهان رولنگ ڏني ته هڪ ميمبر آئين جي پاسداري ناهي ڪئي، هتي ته آئين جا بخيا اڍيڙيا پيا وڃن، پيپلزپارٽي به اُن ۾ ساٿ ڏئي رهي آهي

هن چيو ته توهان جي ميمبرز کي ايوان مان گهلي ڪڍيو ويو، توهان کي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي ها ته ميمبرز تي تشدد ڇو ڪيو، توهان ڪسٽوڊين رهڻ گهرو ٿا ته هن معاملي تي بحث ڪرايو

اچڪزئي اوهان ڪسٽوڊين آف هائوس جي حيثيت وڃائي چڪا آهيون، سپريٽينڊنٽ جيل ملاقات جي اجازت ناهي ڏيندو،20 گريڊ جي سپريٽينڊنٽ کي نوڪري مان ڪڍڻ گهرجي

اچڪزئي چيو ته ، اچو سڀ توبهه ڪريون ۽ هڪ ٻئي کي معاف ڪريون. هڪ نئين سياست جي شروعات ڪريون جنهن ۾ فيصلا ايوان ڪري.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *