حڪومت روڊ ذريعي سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي آھي، دفاعي وزير
( ويب ڊيسڪ ) دفاعي وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت روڊ ذريعي سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي آھي، پر ھوائي جھاز ذريعي سھولت فراھم ڪئي آھي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالھائيندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آھي ته ايراني حڪومت کي اجازت ڏني آھي ته ڪوئيٽا مان فلائيٽس ھلايون وڃن… خواجه آصف چيو ته ايران طرفان فلائٽس سروس شروع ڪئي وئي آھي، اسان اشتھار ڏنو آھي ته ڪوبه پرائيويٽ فلائيٽ سروس ھلائڻ چاھي ته ھلائي سگھي ٿو.
