پاڪستان جي فوج ڀارت جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو: فيصل ڪريم ڪنڊي
پشاور ( ويب ڊيسڪ ) گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عالمي برادري ڪشمير تڪرار جي حل جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪري
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ جبر جو سلسلو جاري رکيو ويٺو آھي، ڪشمير مسئلي جي حل کان بنا خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناھي
ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پاڪستان جي فوج ڀارت جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، اھو ڏينهن پري ناھي، جڏھن ڪشمير پاڪستان جو حصو ٿيندو.
