يوم شهداءِ پوليس جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ پوليس جي شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏيل ٺهراءُ منظور
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي پوليس جي شهيد آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته پوليس قربانيون ڏئي امن قائم ڪيو آهي، هميشه پوليس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، سنڌ پوليس ملڪ جي سڀ کان بهترين ۽ تربيت يافته پوليس آهي، معاشري ۾ روزاني جا مسئلا پوليس ڏسي رهي آهي، سنڌ ۾ پوليس جو ڪردار مثالي رهيو آهي.
