ڏهرڪي ۾ مختلف ڪمپنين جا ليبل استعمال ڪري ڪچي ۽ زهريلي شراب وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف
ڏهرڪي ( رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو ) ڏهرڪي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ڪچي ۽ زهريلي شراب جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب بيشم گيدڙي، پرسو رام ۽ جئي ڪمار نالي ماڻهو شهر اندر ڪچي ۽ زهريلي شراب وڪرو ڪري رهيا آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۽ ڪوئٽا جي شراب ڪمپنين جا ليبل استعمال ڪري شهر اندر گهٽ اگهن تي ڪچي ۽ زهريلي شراب وڪرو ڪئي پئي وڃي، جنهن سان انساني زندگيون داءُ تي لڳل آهن
شراب جو گتو بند ٿيندي ئي ڄاڻايل همراهه شهر جي مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي ڪچي شراب سان ڀريل ٿيلهيون کڻي سستي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا
بيشم گيدڙي ۽ پرسو رام ڪيترائي ڀيرا پوليس هٿان گرفتار ٿيا پر ٻيهر آزاد ٿي اهڙو ڪڌو ڪم شروع ڪن ٿا، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني طور منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف فوري ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي
