غزه ۾ اسرائيلي بمباري جاري، وڌيڪ 44 فلسطيني شهيد
( ويب ڊيسڪ ) اسرائيلي فوج خان يونس ۾ ريڊ ڪريسنٽ عمارت تي پڻ بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ باهه لڳي وئي ۽ عمارت جو هڪ حصو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.
فلسطيني وزارت صحت موجب غزه تي اسرائيلي فوج جي مسلسل حملن جي نتيجي ۾ شهيدن جو ٽوٽل انگ 60 هزار 8 سئو 39 تائين وڃي پهتو آهي، جڏهن ته هن مهل تائين زخمين جو انگ هڪ لک 49 هزار 5 سئو 88 آهي
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب غزه ۾ بک وگهي وڌيڪ 6 فلسطيني فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد غذائي کوٽ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 175 ٿي ويو آهي، جن ۾ 93 ٻار پڻ شامل آهن
