ميهڙ: تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان چيڀاٽجي فوت
ميهڙ (رپورٽر) انڊس هاءِ وي تي ٻٽ پيٽرول پمپ وٽ ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ اياز گائنچو نالي شخص فوت ٿي ويو
واقعي جي اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ هڪ ڪلاڪ بعد پهتي، فوتي جو مڙهه تعلقه اسپتال ميھڙ منتقل ڪيو ويو
جڏهن ته واقعي بعد ڪوچ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس پهچي ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي.
