شڪارپور: آل پاڪستان واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ ورڪس يونين جي سڏ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Screenshot 2025-08-02 13-53-43

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) شڪارپور ۾ به 2 آگسٽ تي يومِ مطالبات جي موقعي تي واپڊا ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي آهي، احتجاجي ريلي واپڊا آفيس کان شڪارپور جي مختلف رستن کان ٿيندي سرڪل آفيس پهتي

احتجاجي ريلي واپڊا هائڊرو يونين جي سرڪل چيئرمين آغا شعيب خان پٺاڻ، ڊويزنل چيئرمين آغا خيام خان، سعيد عمران شاهه، شاھنواز انڙ، جاويد چانگ، عبدالهادي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي

اڳواڻن چيو  ته گذريل ستن سالن کان برٿين تي لڳايل پابنديون ختم ڪيون وڃن، شهيدن ۽ معذور ملازمن جي اولاد کي فوري طور نوڪريون ڏنيون وڃن، گريڊ اسٽيشنن تي اسٽاف جو تعداد وڌايو وڃي، ۽ واعدي موجب 20 سيڪڙو ڀرتيون بحال ڪيون وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *