سرحد: سڱاوتي مامري تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هڪ زخمي
سرحد ( رپورٽ: عبدالغفار ابڙو ) سرحد ٿاڻي جي حد جهانپور لڳ ڳوٺ محمد ابراهيم لغاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان لغاري برادري جي ٻن ڌرين ۾جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو عبدالحميد لغاري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو
زخمي کي وارثن کڻائي گھوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو، جتان کيس طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو آهي
سرحد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي
