مورو: ڳوٺ علي بخش کوسو ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو گهر ڌڻي قتل هڪ زخمي
مورو ( رپورٽر ) مورو ويجھو نوان جتوئي جي ڳوٺ فقير علي بخش کوسو ۾ نامعلوم ماڻھن هڪ گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ گھر ڌڻي محمد علي کوسو قتل ٿي ويو سندس پٽ مختيار کوسو زخمي آهي
مقتول جو مڙهه ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو، زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏھن ته مقتول جو مڙهه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
مقتول جي وارثن زاھد حسين ۽ محبوب کوسو چيو ته اسان جي گھرن تي حملو ڪري گھر ۾ ستل ماڻھن تي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن ۾ محمد علي کوسو قتل ٿي ويو آھي ۽ سندس پٽ مختيار علي کوسو زخمي آھي جيڪو نوابشاھ منتقل ڪيو ويو آھي
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي گھرن تي عمران کوسو، ساجد کوسو، علي مراد، ممتاز، اعتبار، ضمير ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪئي، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي
ھوڏانھن حد پوليس پھچي واقعي جي جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
