آخري ڀيرو پنهنجي والد سان 3 سال اڳ مليو هيس، چئن مهينن کان بابا سان ڳالهه ٻولهه به ناهي ٿي: قاسم خان

وعب-Recovered-Recovered-1

( ويب ڊيسڪ ) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي پٽ قاسم خان جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واحد عالمي اڳواڻ آهي جيڪو بابا جي ڪيسن ۾ ڪجهه فرق آڻي سگهي ٿو.

برطانوي صحافي پيئرس مورگن سان هڪ خاص انٽرويو ۾ قاسم خان وڌيڪ چيو ته مون بابا جي آزادي لاءِ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي رچرڊ گرينل سان به ملاقات ڪئي آهي.

قاسم خان چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان جي پيءَ ۽ صدر ٽرمپ جا ماضي ۾ سٺا تعلق هئا، جڏهن ٻئي اقتدار ۾ هئا، ته ٻئي هڪ ٻئي جو احترام ڪندا هئا.

برطانوي صحافي پيئرس مورگن سان هڪ خاص انٽرويو ۾ قاسم خان چيو ته هن عمران خان جي آزاديءَ جي حوالي سان ٽرمپ جي ويجهي ساٿي رچرڊ گرينل سان به ملاقات ڪئي آهي.

قاسم خان چيو ته اسان کي خبر آهي ته اسان جي پيءُ ۽ صدر ٽرمپ جا ماضي ۾ سٺا لاڳاپا هئا. جڏهن ٻئي اقتدار ۾ هئا، تڏهن انهن ۾ وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون ۽ ٻئي هڪ ٻئي جو احترام ڪندا هئا.

قاسم خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽرمپ ڪو بيان جاري ڪري ٿو يا ڪنهن سطح تي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ڪري ٿو ته اهو عمران خان جي آزاديءَ ۾ اهم ٿي سگهي ٿو.

قاسم خان پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته آخري ڀيرو بابا سان 3 سال اڳ ملاقات ٿي هئي، 4 مهينن کان بابا عمران سان ڳالهه ٻولهه به ناهي ٿي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *