ٽنڊوالهيار لڳ عمرساند پوليس جي ڪاروائي هڪ منشيات فروش سوگهو
ٽنڊوالهيار ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ايس ايس پي ٽنڊوالھيار سيد سليم شاهه جي هدايتن تي عمرساند پوليس جون منشيات خلاف ڪاروايون جاري آهن
عمرساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او رياض بجاراڻي اسٽاف سان گڏ عثمان شاهه ھڙي ويجهو ٽنڊوسومرو بس اسٽاپ وٽ ڪاروائي ڪندي هڪ منشيات فروش آشو ڪڇي ڪولهي کي گرفتار ورتو آهي
گرفتار جوابدار جي قبضي مان مان آنڊين صفينا گٽھڪو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي گرفتار جوابدار خلاف عمرساند ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو
