اسلام آباد، لاهور، پشاور سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس
( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، مردان، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، مري، سوات، شانگلا، بالاڪوٽ، اپر دير ۽ آس پاس جي علائقن ۾ زوردار زلزلو محسوس ڪيو ويو.
زلزلو پيمائش موجب، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش علائقي ۾ هو.
اوچتو آيل زلزلي سبب شهري خوف ۾ پنهنجن گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا رهيا.
