دادلغاري ڳوٺ ڀورل لغاري ۾ ناري کي مبينا طور زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف
دادلغاري ( رپورٽ: صدام پتافي ) ڳوٺ ڀورل لغاري ۾ ناري کي مبينا طور مڙس پاران زھر ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ناري جي پيءَ الزام مڙهيو آهي ته منھنجي ڌي شبانا لغاري کي ان جي مڙس اعجاز لغاري، معشوق لغاري ۽ سليم لغاري وارن زھر ڏئي قتل ڪيو آھي، اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناھي آئي
