چيف جسٽس جو عهدو علامتي آهي، 2024 وارين چونڊن کي رد ڪيون ٿا: آل پارٽيز ڪانفرنس
اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، چونڊيل حڪومت کي رد ڪيون ٿا، چيف جسٽس جو عهدو علامتي آهي: اي پي سي پڌرائي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ موجوده چئلينجن مان نڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي.
اپوزيشن اڳواڻ مصطفى نواز کوکر ٻين سياسي اڳواڻن سان گڏجي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) جو گڏيل پڌرائي پڙهندي چيو ته انتظاميا مقامي هوٽل ۾ ڪانفرنس ڪرائڻ کان روڪيو، ان باوجود تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان تحت اي پي سي جو ڪامياب انعقاد ٿيو. شرڪت ڪندڙن اسلام آباد جي انتظاميا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
پڌرائي موجب، ملڪ جي آئيني، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، اپوزيشن لاءِ جاءِ ٺاهڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي. هي اتحاد ملڪ ۾ سياسي انتقام جي به مذمت ڪري ٿو.
مصطفى نواز کوکر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس زال کي جيل ۾ رکڻ جي مذمت ڪيون ٿا، انهن خلاف ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي.
