ميهڙ: ڳوٺ پريو سوڍر واسي برسات متاثرن جو سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-27 at 13.12.05_74d6f9ae

ميهڙ ( رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) ميھڙ ڳوٺ پريو سوڍر واسي محبوب علي سوڍر، محمد صالح کوسو. صابر کوسو ۽ جابر سوڍر ڳالھائيندي چيو آھي ته ڪجھه ڏينھن اڳ ٿيل برسات اسان جي ڳوٺ ۾ وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي، برسات سبب سم جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري اسان جي زمينن ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنھن سبب اسان جي سوين ايڪڙن تي مشتمل  فصل ۽ ڳوٺ جا رستا پاڻي جي ھيٺ اچي ويا آھن ھنن چيو ته اسان جي زمينن ۾ 4 کان 5 فوٽ پاڻي بيٺل آھي ڪنھن به چونڊيل نمائندي، اين جي اوز ۽ سرڪاري ادارن جي عملدارن اسان جي سار ناهي لڌي، برسات جو گندو پاڻي بيھڻ سبب اسان جي اچ وڃ جا رستا مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آھن ۽ گندي پاڻي سبب مليريا ۽ گيسٽرو سميت ڪيتريون ئي وبائي بيماريون پکڙجڻ جو خطرو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *