پهرين ٽي 20 ۾ پاڪستان ويسٽ انڊيز کي 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( ويب ڊيسڪ ) ٽئي ملڪي سيريز جو پهريون ٽي 20 آمريڪا جي فلوريڊا جي شهر لاڊرهل ۾ کيڏيو ويو. ويسٽ انڊيز ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.
قومي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون. اوپنر صائم ايوب شاندار بيٽنگ ڪندي 57 جي اننگ کيڏي.
ويسٽ انڊيز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهي سگهي.
