رتوديرو ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو سڙيل ٻيجارو کڻي احتجاج

Screenshot 2025-08-01 13-41-03

رتوديرو ( رپورٽ: احسان بوزدار ) جلباڻي شاخ جي آرڊي 24 وٽ پاڻي جي شديد قلت هئڻ تي آبادگارن منور علي ڀٽو، عبداللطيف ڀٽو، حامد علي، شهزادو بوزدار، قائم الدين، محمد حاصل ڳچل، پسند سناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو آهي

آبادگارن ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته جلباڻي شاخ جي آرڊي 24 کان پاڻي جي کوٽ آهي لکين روپين جو ٻيجارو سڙي رهيو آهي، آگسٽ جو مهينو آ اسان هن وقت تائين رونبا به انهن ڪيا

هنن ايريگيشن جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلباڻي شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري بيچيني دور ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ايريگيشن جي ملازم واحد بخش ٻٻر پهچي چند ڏينھن اندر پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *