خيرپور: عدالت پاران ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدار کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو )خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ چئن الڳ الڳ ڪيسن جي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي، ٻن جوابدارن مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، جوابدار امتياز ناريجو کي ٽن ڪيسن ۾ مجموعي طور 26 سال قيد، جوابدار محبت علي خاصخيلي کي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج علي بخش ٿيٻو جي عدالت ۾ کهڙا ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي، غير قانوني طور هٿيار رکڻ ۽ منشيات هٿ اچڻ وارن ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل جوابدار امتياز ولد محمد حيات ناريجو واري ڪيسن جي ٻڌڻي آن لائين ويڊيو لنڪ ذريعي ٿي گذري.
ٻڌڻي دوران جوابدار امتياز ناريجو کي سينٽرل جيل خيرپور ۾ ويڊيو لنڪ ڪئميرائن ذريعي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران جوابدار امتياز ناريجو مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ 7 سال قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ، غير قانوني طور هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ 9 سال قيد ۽ 4 لک رپيا ڏنڊ ۽ منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ 5 سال قيد ۽ 40 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا يعنيٰ جملي 26 سال قيد ۽ ٽنهي ڪيسن ۾ مجموعي طور 6 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 9 مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.
ساڳي عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي هڪ منشيات ڪيس ۾ جوابدار محبت علي ولد بچل خاصخيلي مٿان پڻ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس 9 سال قيد ۽ چار لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي
ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار ٽي مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.
