ميهڙ: ڪي اين شاهه لڳ ڪبوتر پڪڙڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 25ورهين جو نوجوان مارجي ويو
ميهڙ ( رپورٽ: ساحل ارشاد سومرو ) ميھڙ لڳ ڪولاچي موري ڀرسان ڪي اين شاهه تعلقي جي ڳوٺ علي بخش کوسو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪبوتر پڪڙڻ تان جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران فائرنگ سبب 25 ورھين جو نوجوان حمير خان ولد محمد حسن کوسو مارجي ويو جڏھن ته ٻه ڄڻا عمران ۽ عرفان کوسو سخت زخمي ٿي پيا فائرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي
فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جڏھن ته زخمين کي خيرپور ناٿن شاه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي
تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوتي نوجوان جي والد محمد حسن کوسو احتجاج ڪندي دانھيو تہ ڪبوترن جي معمولي ڳالھ تان جوابدارن علي ، حسن ، حسين کوسو ۽ ٻين حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنھن سبب منھنجو پٽ حمير قتل ٿي ويو
۽ منھنجن ٻن ڏوھٽن عمران ۽ عرفان کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن ھن چيو ته ظالمن مونسان ظلم ڪيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
ھوڏانھن ايس ايڇ او بي سيڪشن ميھڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جا اطلاع مليا آھن ڪي اين شاه تعلقي جي حد ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو ٿيو آھي جھيڙي ۾ ھڪ ڄڻو قتل ٿيو آھي
