ڏهرڪي: يوفون جي ٽاورن تان بجلي چوري ٿيڻ بعد خانگي ڪمپني جي ٽاورن تان به بجلي چوري جو انڪشاف
ڏهرڪي ( رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو ) ڏهرڪي شهر اندر زونگ جي مختلف ٽاورن تان بجلي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏهرڪي شهر اندر زونگ جي ٽاورن تان بااثرن پاران مبينا ڀتي عيوض بجلي چوري ڪئي پئي وڃي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽاور مالڪ في ڪنڊا ڪنيڪشن جا 15 سئو کان ويندي 2 هزار وٺي بجلي چوري ڪرائن ٿا، جنهن سان نه رڳو واپڊه کي چونو لڳي رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ بجلي چوري ٿيڻ سبب ڏهرڪي شهر اندر زونگ جو نيٽورڪ به اڻلڀ ٿي ويو آهي
زونگ جو نيٽورڪ نه هئڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن زونگ جي ٽاورن تان چوري ٿيندڙ بجلي تي فرج ۽ اي سي سميت مختلف هيوي لوڊ هلايا پيا وڃن، شهرين زونگ انتظاميه کان اپيل ڪئي ته زونگ جي ٽاورن تان ٿيندڙ بجلي چوري روڪرائي نيٽورڪ کي فعال بڻايو وڃي ۽ ٽاور مالڪن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي
