سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ ملڪي خلائي تاريخ جو اھم سنگ ميل آھي: احسن اقبال
سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ ملڪي خلائي تاريخ جو اھم سنگ ميل آھي: احسن اقبال *منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ارٿ آبزرويشن سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ ملڪي خلائي تاريخ جو اھم سنگ ميل آھي اسلام آباد ۾ ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي ھاڻي زمين تان اڀري خلاءَ ۾ داخل ٿي وئي آھي سندس چوڻ هو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان سائنسي ترقي، ٽيڪنالاجي خودمختاري واري سفر جي نئين دور جي شروعات آھي.
