ميرپورماٿيلو: شهيد صحافي محمد بچل گهڃون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) رائونتي جي صحافي بچل گهڃون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن، صحافين ،سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران صحافي جو لاش ايس ايس پي گهوٽڪي جي آڏو رکي ڌرڻو هنيو، انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، هوڏانهن پوليس جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو جڏهن ته پوليس ٽن ڏينهن جو وقت گهري ورتو آهي
