خيرپور: پوليس جو منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس پڌرائي موجب ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪمن تي عمل ڪندي ٻٻرلوءِ ۽ پير وسڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز طرفان ڪارروائيون ڪيون ويون
پوليس ٽيمن گشت دوران مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪري ٻن جوابدارن ڪاشف رضا ميمڻ ۽ محمد حنيف ٻانڀڻ کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ ڀنگ هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
