پي ٽي آءِ باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو ناهي:خواجه آصف
پاڪستان مودي جي ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، هـُو عالمي سطح تي مذاق بڻجي چڪو آهي، مودي هاڻ بيان ذريعي پنهنجي ٻـُڏي ويل ٻيڙي کي تارڻ جي ڪوشش ڪري پيو، پي ٽي آءِ باني جي پٽن کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو ناهي، ٻڌو آهي ته پيءُ پاڻ پٽن کي اچڻ کان روڪيو آهي، پي ٽي آءِ کي 9 مئي يا 26 نومبر برپا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ ٻيهر تشدد ڏانهن نه وڃي، بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف جون خانگي ٽي وي سان ڳالهيون
