وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جشن آزادي سجاوٽ جا مقابلا ڪرائڻ جو اعلان

Photo_28038

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران جشن آزادي سجاوٽ جا مقابلا ڪرائڻ جو اعلان، 14آگسٽ تي جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائينداسين، هن ڀيري جشن آزادي جو ڏهاڙو رڳو هڪ ڏينهن تائين محدود نه هوندو،آزادي جي حوالي سان پهرين آگسٽ کان تقريبون شروع ٿينديون، جشن آزادي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وڏيون تقريبون ٿينديون، ڪراچي ۾ جشن آزادي بابت 160 تقريبون ٿينديون، ٽي آگسٽ تي موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي ويندي، 10 آگسٽ تي سکر ڪلچرل ايونٽ ملهايو ويندو، 8 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ ميوزيڪل ۽ ڪلچرل ايونٽ منعقد ڪيو ويندو، نيشنل اسٽيڊيم ۾ عوام لاءِ 14 آگسٽ تي عوامي ڪنسرٽ منعقد ڪيو ويندو،ڪنسٽرٽ جي موقعي تي آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو، ڪنسرٽ ۾ ملڪ جا ناليوارا راڳي، اداڪار شرڪت ڪندا،9 آگسٽ تي ڪرڪيٽ ميچ به منعقد ڪئي ويندي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس، چيائين، ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ تقريبون ٿينديون، پرچم ڪشائي ٿيندي، سي ويو کان فيئرير حال تائين گڏھه گاڏي جي ريلي ڪڍي ويندي،9 آگسٽ تي قلندر آليون ۽ ڀٽائي آليون وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿيندي، مان به حصو وٺندس، پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان جي فوج دشمن جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، پاڪستان کي حق جي جنگ ۾ ڪاميابي ملي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *