ڏهرڪي: يوفون جي ٽاورن تان بجلي چوري جو انڪشاف، بجلي چوري ٿيڻ سبب نيٽورڪ اڻلڀ
ڏهرڪي ( رپورٽ: وسيم اڪرم ڀٽو ) ڏهرڪي شهر اندر يوفون جي مختلف ٽاورن تان بجلي چوري جو انڪشاف ٿيو آهي ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏهرڪي شهر اندر يوفون جي ٽاورن تان بااثرن پاران مبينا ڀتي عيوض بجلي چوري ڪئي پئي وڃي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽاور مالڪ في ڪنڊا ڪنيڪشن جا 2 هزار وٺي بجلي چوري ڪرائي پئي وڃي جنهن سان نه رڳو واپڊه ۽ انتظاميه کي چونو لڳي رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ بجلي چوري ٿيڻ سبب ڏهرڪي شهر اندر يوفون جو نيٽورڪ به اڻلڀ ٿي ويو آهي
يوفون جو نيٽورڪ نه هئڻ ڪري شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن يوفون جي ٽاورن تان چوري ٿيندڙ بجلي تي فرج ۽ اي سي سميت مختلف هيوي لوڊ هلايا پيا، شهرين يوفون انتظاميه کان اپيل ڪئي ته يوفون جي ٽاورن تان ٿيندڙ بجلي چوري روڪرائي نيٽورڪ کي فعال بڻايو وڃي ۽ ٽاور مالڪن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي
