آسٽريليا پنجين ٽي 20 ۾ به ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي سيريز وائيٽ واش ڪري ڇڏي

ویسٹ-انڈیز-1

( ويب ڊيسڪ ) پنجين ۽ آخري ٽي 20 ۾ ويسٽ انڊيز پهرين بيٽنگ ڪندي 170 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا 17 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ 37، ڪيمرون گرين 32 ۽ ٽم ڊيوڊ 30 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته ويسٽ انڊيز لاءِ شمرون هيٽمائر 52 ۽ شريف ردرفورڊ 35 رنسون ٺاهيون.

ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته آسٽريليا جي بين ڊورسوئيس ٽي وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز سڀني پنجن ميچن ۾ پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ ڪينگروز سڀني ميچن ۾ آساني سان هدف حاصل ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *