خيرپور: فيض آباد پل وٽ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت هڪ زخمي

Screenshot 2025-07-28 22-16-48

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) فيض آباد پل وٽ ڇوهارن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جي رسي کلڻ سبب پويان ايندڙ ٻن موٽر سائيڪل سوارن جي مٿان ٻوريون ڪري پيون، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي، مڙهه ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو

خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد فيض اباد پل وٽ ڇوهارن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جي رسي کلڻ سبب پويان ايندڙ ٻن موٽر سائيڪل سوارن مٿان ڇوهارن جون ٻوريون ڪري پيون جنهن جي نتيجي ۾ راشد علي پٽ مشتاق شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته صفدر علي ڪڙيو سخت زخمي ٿي پيو

واقعي بعد فوتي جو لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته فيض آباد جا رهواسي جا رهواسي راشد علي شيخ ۽ صفدر ڪڙيو خيرپور شهر کان فيض آباد ۾ پنهنجي گهر طرف وڃي رهيا هئا ساڻن حادثو پيش آيو

ھوڏانھن فوتي جي وارثن کي اطلاع ملڻ کانپوءِ فوتي جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته زخمي جو سول اسپتال خيرپور ۾ علاج هلندڙ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *