50 سالن جي ڄمار ۾ 18 سال جو ڪيئن نظر اچجي، ڪاجول راز ٻڌائي ڇڏيو
( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا تازو ئي هڪ شو ۾ اعتراف ڪيو ته آئون عمر جي وڌڻ سان ڪجهه پريشان آهي،
هن چيو ته مون کي لڳي ٿو ته عمر جو اندازو منهن تي ايندڙ جھرين سان لڳايو وڃي ٿو، جڏهن ماڻهو ٿڪجي پون ٿا يا زندگي کان بيزار ٿي وڃن ٿا ته چهري تي جھريون ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون ۽ عمر جو احساس به ظاهر ٿيڻ شروع ٿئي ٿو.
پنهنجي گفتگو دوران اداڪارا ڪاجول عمر وڌڻ کي قسمت جو مامرو قرار ڏنو. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو ننڍي عمر ۾ هن دنيا مان هليا ويندا آهن، تنهن ڪري عمر وڌڻ هڪ سٺي ۽ خوش قسمتي واري ڳالهه آهي جنهن لاءِ هوءَ خوشقسمت آهي.
اداڪارا پنهنجي مداحن کي پنهنجي صحتمند زندگي بابت ٻڌايو ته هوءَ هر روز 8 گلاس پاڻي پيئي ٿي، 8 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪري ٿي ۽ پنهنجو چهرو ڌوئي ٿي ۽ هر رات سمهڻ کان اڳ ڪريم لڳائي ٿي ۽ باقاعدگي سان ورزش ڪري ٿي.
ياد رکڻ گهرجي ته ڪاجول 1992 ۾ فلمي دنيا ۾ داخل ٿي هئي، جنهن بعد هن ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، تازو ئي سندس جي نئين فلم ”سرزمان“ رليز ٿي آهي.
