شڪارپور: همايون شريف لڳ جعفر ايڪسپريس ٽرين جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ھمايون ٿاڻي جي حد ۾ پشاور کان ڪوئٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس سان بم ڌماڪي سبب حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، خوش قسمتي سان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، مسافر شديد پريشاني جو شڪار آهن.
پوليس موجب ڌماڪي جو آواز زوردار هو، جنهن بعد ٽرين جون ڪجهه بوگيون ٽريڪ تان هيٺ لهي ويون، حادثو ايترو اوچتو ٿيو جو ڪيترن ئي مسافرن کي سمجهڻ ۾ ئي نه آيو ته ڇا ٿيو.
مقامي ماڻهن موجب حادثي کي ڪافي وقت گذري ويو آهي، پر هن وقت تائين نه ڪا امدادي ٽيم آهي ۽ نه ئي ھمايون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سگهي آهي مسافرن جو چوڻ آهي ته گرمي جي ڪري عورتون، ٻار ۽ بزرگ پريشان آهن
هوڏانهن ريلوي اختيارين واقعي جي ڪا به سرڪاري وضاحت يا موقف سامهون ناهي آيو، جڏهن ته حادثي جي جاچ لاءِ قدم کڻڻ جي به تصديق نه ٿي سگهي آهي.
