ملڪ ۾ برساتن سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 279 ٿي ويو

410731_7639055_updates

( ويب ڊيسڪ ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران تازين مون سون برساتن سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين جو انگ وڌي 279 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ برساتن سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 21 زخمي ٿيا آهن. پنجاب ۾ 6، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيو، اين ڊي ايم اي موجب برساتن سبب زخمي ٿيندڙ 21 ڄڻن جو تعلق پنجاب سان آهي.

اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برساتن سبب فوتين جو انگ هن مهل تائين 279 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 676 زخمي ٿيا آهن.

اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ برساتن سبب 151 ڄڻا فوت ۽ 536 زخمي ٿيا آهن، خيبر پختونخوا ۾ 64 ڄڻا فوت ۽ 80 زخمي ٿيا آهن، سنڌ ۾ 25 ڄڻا فوت ۽ 40 زخمي ٿيا آهن ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب 20 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *