مون کي خبر ناهي ته هاڻي ڇا ٿيندو، ڳالهيون ناڪام ٿيون آهن، فيصلو اسرائيل کي ڪرڻو آهي: ٽرمپ
( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته مون کي خبر ناهي هاڻ غزه ۽ تل ابيب ۾ ڇا ٿيندو، هن چيو ته هاڻ اسرائيل کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا ڪرڻو آهي،
ڊونلڊ ٽرمپ زور ڏنو ته غزه مان اسرائيلي مغوي (فوجين) کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن ٻئي طرف حماس ان حوالي سان سخت موقف اختيار آهي
ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه کي 60 ملين ڊالر جي امداد ڏني آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ امداد موڪليندو.
ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪه ايران کي ڪنهن به حالت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.
