اوٻاوڙو: ضلعي ڪائونسل ميمبر جهانگير شر جي يونين آف جنلسٽس آفيس آمد، نئين چونڊيل باڊي کي واڌايون
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو يونين آف جرنلسٽ جي نئين سال 2025 لاءِ چونڊيل باڊي صدر غلام قمبر بوهڙ، جرنل سيڪريٽري مظفر حسين چارڻ، نائب صدر محمد پنهل سمون، نائب صدر محمد علي ملڪ، جوائنٽ سيڪريٽري ملڪ بهرام، خزانچي ياسر نور، اطلاع سيڪريٽري شير باز بلوچ، پريس سيڪريٽري غلام اڪبر دشتي، آفيس سيڪريٽري نصرالله چاچڙ، ايگزيڪيوٽو سينيئر ممبر عبدالحئي ڇڄڻ، سميت عھديدارن ۽ ميمبرن کي واڌايون ڏيڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان شر جو فرزند ضلعي ڪائونسل ميمبر مير جهانگير خان شر اوٻاوڙو يونين آف جرنلسٽ جي آفيس پهتو، جتي هن نئين چونڊيل عهديدارن کي گلن جا هار پارائي واڌايون ڏنيون.
