اوٻاوڙو: خانگي ٽي وي چئنل جو رپورٽر محمد بچل گهڃون هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد

WhatsApp Image 2024-08-27 at 11.23.37_b031f3cd

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) رائونتي جي ڪچي ۾گهر کان پنهنجي فصل کي ڏسڻ لاءِ ويل صحافي محمد بچل گنهڃو مٿان هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ کيس گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي وي، اهڙو اطلاع ملڻ تي رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول صحافي جو مڙهه کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکي ٻڌايو ته پراڻي تڪرار تان پنهنجي مائٽن جي هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ صحافي بچل گهڃون شهيد ٿي ويو آهي جڏهن ته اسان هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون جلد انهن کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن قلم ڌڻين پاران مقتول صحافي جو لاش کي کڻي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي ڌرڻي ۾ ڏهرڪي پريس ڪلب ڏهرڪي جي صدر اعظم سهرياڻي، صحافي لطيف وسير ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته محمد بچل گهڃون رائونتي جو بهادر صحافي هو، رائونتي وارو علائقو ڌاڙيلن جو ڳڙهه آهي اتان ڪچي جون خبرون هو بهادري سان نشر ڪندو هو اڄ اسين هڪ بهادر صحافي کان محروم ٿي ويا آهيون، قلم ڌڻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *