پيرو ۾ بس کاهي ۾ ڪري پئي 18 ڄڻا فوت، 29 زخمي
( ويب ڊيسڪ ) پيرو ۾ مسافر بس اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو فوت ۽ 29 زخمي ٿي پيا آهن.
بين الاقوامي خابرو اداري موجب بريڪ فيل ٿيڻ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب پيش آيو، بس ۾ 66 مسافر سوار هئا
امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاروائيون شروع ڪيون، زخمين کي ويجهي اسپتالن منتقل ڪيو ويو، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.
