خيرپور: کهڙا ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس جو ڪريڪ ڊائون 9 شڪي ماڻهو سوگها
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي جي حڪمن تي سب ڊويزن گمبٽ جي کهڙا ٿاڻي سميت مختلف علائقن ۾ سرچنگ آپريشن ڪيو ويو
سرچ آپريشن ۾ چار ايس ڊي پي اوز سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت وڏي نفري طرفان آپريشن ۾ حصو ورتو ويو
خيرپور پوليس ڳوٺ سلطان ڪليري، لال ڏنو اڄڻ ۽ غلام اڄڻ سميت مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو
آپريشن دوران ڪچي ۽ پڪي طرف ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو ۽ آپريشن دوران 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي کانئن جاچ شروع ڪئي وئي آهي
آپريشن دوران ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي مسمار ڪري باهه لڳائي وئي، آپريشن ۾ بڪتر بند گاڏين جديد مشينري سميت پوليس جي وڏي نفري حصو ورتو
