مون سون برساتن جو نئون سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو، شهري ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر

3232

( ويب ڊيسڪ ) پي ڊي ايم اي پنجاب 28 جولاءِ کان مون سون جي برساتن جي پنجين سلسلي لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي.

پي ڊي ايم اي پنجاب صوبي جي اڪثر ضلعن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ شهري ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي.

مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته تيز برساتن سبب مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، جڏهن ته ڪمزور گهرن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

پنجاب ۾ سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جي ايمرجنسي ڪنٽرول رومز ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ٽيمن کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *