ٽئي ملڪي ٽي 20 سيريز جي فائنل ۾ نيوزي لينڊ دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

410675_3648304_updates

( ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي دلچسپ مقابلي بعد 3 رنسن تان  شڪست ڏئي ٽئي ملڪي سيريز جو ٽائيٽل کٽي ورتو.

زمبابوي جي شهر هراري ۾ ٽئي ملڪي  ٽي 20 سيريز جو فائنل ٿي گذريو جتي نيوزي لينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون

ميچ ۾ نيوزي لينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون، رچن رويندرا ۽ ڊيون ڪونوي 47-47 رنسن جي اننگ کيڏي، جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 177 رنسون ٺاهي سگهي، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊري پريٽوريس 51 رنسن جي اننگز کيڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *