عمرڪوٽ مان پوليو جو هڪ ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ هلندڙ سال دوران ظاهر ٿيل پوليو ڪيسن جو انگ 17 ٿي ويو
(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پوليو جا ٽي نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن سان هن سال ملڪ اندر رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 17 ٿي ويو آهي.
قومي صحت اداري موجب لڪي مروت، اتر وزيرستان ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ نئين ڪيس جي تصديق ڪئي وئي آهي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب لڪي مروت ۾ 15 مهينن جي نينگر، اتر وزيرستان ۾ 6 مهينن جي نينگر ۽ عمرڪوٽ ضلعي مان 5 سالن جي نينگر کي ظاهر ٿي چڪو آهي
واضع رهي ته هلندڙ سال ۾ هن وقت تائين خيبر پختونخواهه مان 10، سنڌ مان 5، پنجاب ۽ گلگت بلتستان مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب پوليو خلاف جنگ ۾ والدين جو ڪردار تمام اهم آهي، هر غير ويڪسين ٿيل ٻار ٻين لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو.
