اسلام آباد کان لاهور ويندڙ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 6 مسافر فوت، 24 زخمي

410663_8051575_updates

( ويب ڊيسڪ ) ريسڪيو اختيارين موجب مسافر بس سان حادثو موٽروي تي ڍوڪ سيال ويجهو پيش آيو بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي

ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ 6 ماڻهو فوت ۽ 24 زخمي ٿيا آهن. زخمين کي ٽراما سينٽر ڪلر ڪهار ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو

موٽر وي پوليس ترجمان چيو ته حادثي جو شڪار بس اسلام آباد کان لاهور وڃي رهي هئي. حادثو بس ڊرائيور جي لاپرواهي سبب پيش آيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *