گوگل ميپ تي انڌو اعتماد ڪندڙ عورت ڪار سميت ڊرينيج جي نالي ۾ ڪري پئي

google-map

( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ممبئي ۾ هڪ عورت گوگل ميپ جي هدايتن تي عمل ڪندي غلطي سان پنهنجي ڪار ممبئي ۾ هڪ نالي ۾ ڪيرائي ڇڏي، اهو واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن عورت بيلاپور کان الوي وڃي رهي هئي.

عورت کي الوي ويندي بيلاپور ۾ پل تي وڃڻو هو، پر گوگل ميپ کيس پل جي هيٺان رستو ڏيکاريو.

گوگل ميپ جي نقشي تي ڀروسو ڪندي عورت اکيون ٻوٽي گوگل ميپ جي ٻڌايل رستي ڏانهن نڪري پئي ۽ ڪار سميت پل هيٺان هلي وئي

حادثي بعد ريسڪيو عملدار پهتا جن عورت کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو عمل ڪندي عورت کي صحيح سلامت بچائي ورتو.

ممبئي پوليس موجب پوليس کي اطلاع ملي ته ڪار گٽر نالي ۾ ڪري پئي آهي. اهڙي اطلاع بعد اسان جي ٽيم پهچي عورت کي صحيح سلامت گٽر نالي مان ٻاهر ڪڍي ورتو

ياد رهي ته ڀارت ۾ پيش ايندڙ هي ڪو پهريون واقعو ناهي، ان کان اڳ ڀارت اندر گذريل ڊسمبر ۾ اترپرديش اندر اهڙي ئي قسم جو هڪ واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *